امداد سروري

امداد سروري

امداد سروري

امداد سروري: شاعر امداد سروريءَ جو پورو نالو امداد خاصخيلي ولد محمد علي تابع سروري آهي. سندس جنم سيوهڻ ڀرسان آراضي شھر ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. اي آهي ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ شريف ۾ ليڪچرار آهي. هن نه صرف تعليم جي شعبي ۾ پاڻ ملهايو آهي پر هن ادبي ميدان ۾ پنھنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. هن نه صرف سنڌي ٻولي پر اردو ٻوليءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري جا هن وقت تائين ٽي ڪتاب: ’حسين ۽ ڪربلا‘، ’سنڌ جي سونھن‘ ۽ ’زلفن جي زنجير‘ (2015ع) ڇپيل آهن. هن وقت گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ پرنسپال جون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو